

دنيا جي مشهور فوٽو شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام پنهنجي هوم اسڪرين جو لي آئوٽ ري ڊزائين ڪندي ان ۾ شاپنگ ۽ ريلز جي واڌ ڪئي آهي.
ان نئين ڊزائين ۾ شاپنگ ۽ ريلز کي ايپ جي نيويگيشن بار ۾ مستقل جاءِ ڏني وئي آهي.
ڪمپني طرفان هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ان تبديلي جو اشارو ڏنو ويو هو ۽ ان وقت هوم اسڪرين جي 3 نون ورجنز جي آزمائش شروع ڪئي وئي هئي.
۽ هاڻ هڪ ڊزائين کي عام واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي ۽ انسٽاگرام جي هوم اسڪرين تي ائين گھڻي عرصي بعد ٿي رهيو آهي.
ان اپ ڊيٽ کان پوءِ ريلز ڪريئٽ نيو پوسٽ جي شارٽ ڪٽ جي جاءِ ورتي آهي جڏهن ته شاپنگ سيڪشن ايڪٽوٽي ٽيب جي جاءِ نظر ايندي.
ايڪٽوٽي سيڪشن ۽ ڪريئٽ پوسٽ جا شارٽ ڪٽس هاڻ ايپ جي مٿان کاٻي ڪنڊ تي ان باڪس جي برابر منتقل ڪيا ويا آهن.
ان حوالي سان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري ٻڌايو ته ان تبديلي سان ڪورونا وائرس جي وبا دوران ريلز (ٽڪ ٽاڪ جي نقل تي ٻڌل ننڍا وڊيوز) ۽ شاپنگ جي رجحان ۾ واڌ جي عڪاسي ٿئي ٿي.
The post انسٽاگرام هوم پيج گھڻي عرصي بعد ري ڊزائين ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment