قومي اهميت وارن منصوبن کي بروقت مڪمل ڪيو وڃي، آرمي چيف جي ايف ڊبليو او کي هدايت - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, November 3, 2020

قومي اهميت وارن منصوبن کي بروقت مڪمل ڪيو وڃي، آرمي چيف جي ايف ڊبليو او کي هدايت


راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايف ڊبليو او هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي هن قومي اهميت جي منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي انجنيئر انچيف ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز سندس استقبال ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف کي ايف ڊبليو او جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ترقياتي منصوبن تي ڪم جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن قومي اهميت تي ٻڌل منصوبن جي بروقت پڄاڻي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته خانگي شعبي کي وڌ کان وڌ قومي مفاد ۾ سهڪار ڪرڻو پوندو.

The post قومي اهميت وارن منصوبن کي بروقت مڪمل ڪيو وڃي، آرمي چيف جي ايف ڊبليو او کي هدايت appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages