

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي شهري آبادي تي بنا سبب فائرنگ ڪري ڏني.
پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ڀارتي فوج طرفان ايل او سي تي باغ سيڪٽر ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب 45 سالن جو شهري زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارتي فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ ڀارتي پوسٽن کي نشانو بڻايو.
The post ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ ۾ شهري زخمي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment