ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي: شهباز شريف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, November 11, 2020

ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي: شهباز شريف


لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف نيب جي مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته نيب ڪي به شاهديون سامهون آڻڻ ۾ ناڪام رهيو.

لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شهباز شريف ۽ ٻين جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته نيب ڪي به شاهديون سامهون آڻڻ ۾ ناڪام رهيو، آشيانه، رمضان شگر يا ڪنهن به ڪيس ۾ منهنجي خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي.

هن چيو ته مان معصوم، سياسي جماعت جو سربراهه ۽ مخالف ڌر اڳواڻ آهيان، مون کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مخالف منهنجي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، سمورا الزام رد ڪيان ٿو.

The post ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي: شهباز شريف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages