

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي آءِ جي سنڌ سان پيش ايندڙ واقعي جي انڪوائري تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته انڪوائري رپورٽ نه آئي پر هڪ خلاصو آيو اهي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪجهه آفيسرن جذبات ۾ اچي آءِ جي کي اغوا ڪيو، جذبات ۾ آءِ جي کي اغوا ڪري سگهجي ٿو ته عوامي تڪيلف ختم ڪرڻ جي جذبات ۾ اختيار به اورانگهي سگهجن ٿا.
هن چيو ته آءِ جي معاملي تي حقيقتون عوام سامهون آنديون وڃن، رپورٽ پبلڪ ٿيڻ گهرجي نه ته شڪ شبها رهندا، پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل جي به اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگهي.
The post شاهد خاقان عباسي ڪراچي واقعي جي انڪوائري مان مطمئن نه ٿيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment