

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان افغان امن عمل بابت آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد ملاقات ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته ملاقات دوران افغان امن عمل سميت بارڊر مئنيجمينٽ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي امن جي معاملن تي به گفتگو ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب زلمي خليل زاد خطي ۾ امن کي هٿي لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيو.
The post آرمي چيف سان آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد جي ملاقات appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment