

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فيصل واوڊا خلاف نااهلي ڪيس ۾ سندس وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن وفاقي وزير فيصل واوڊا خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
فيصل واوڊا طرفان ڪو به اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو، ان تي درخواست گذار جو چوڻ هو ته فيصل واوڊا رٽرننگ آفيسر کي آمريڪن پاسپورٽ نه ڏيکاريو.
اليڪشن ڪميشن ميمبر ارشاد قيصر چيو ته توهان جو ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به هلي رهيو آهي.
ان دوران اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊ جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏنو.
چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جنهن تي الزام آهي، ان جو ٻڌڻي تي هجڻ ضروري آهي.
پوءِ اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته فيصل واوڊا جي نااهلي بابت ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي.
The post نااهلي ڪيس: فيصل واوڊا کي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment