

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته درآمدي کنڊ مارڪيٽ ۾ اچي وئي آهي، جيڪا 15 کان 20 رپيا في ڪلو سستي هوندي.
اسلام آباد ۾ خوراڪ بابت وفاقي وزير فخر امام، سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز ۽ صعنت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير حماد اظهر گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪڻڪ ۽ کنڊ جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو.
فخر امام چيو ته ڪڻڪ جي قيمت ۾ واڌ جو سبب پيداوار ۾ 20 لک ٽن کوٽ آهي، ڪڻڪ اسٽاڪ به ڪئي وئي، جنهن سبب اگهن ۾ واڌ ٿي پر هاڻ درآمدي ڪڻڪ سان اگهن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي.
حماد اظهر ٻڌايو ته مارڪيٽ ۾ درآمدي کنڊ اچي وئي آهي، جنهن سان قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا گهٽتائي ٿيندي.
جهانگير ترين بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته جيڪو ٿيندو قانون موجب ٿيندو.
ان موقعي تي شبلي فراز چيو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي فراهمي حڪومت جو ڪم آهي ۽ اگهه صوبن کي مقرر ڪرڻا آهن.
هن سرڪاري ٽي وي جي نجڪاري جي هڪ ڀيرو ٻيهر ترديد ڪندي چيو ته اها رڳو ڪنهن جي خواهش ٿي سگهي ٿي.
The post وفاقي حڪومت ڪڻڪ ۽ کنڊ اگهن ۾ لاٿ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment