

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني پنهنجي تڪراري ٽوئيٽ تي سخت تنقيد کانپوءِ معافي گهري ورتي.
آمريڪي سفارتخاني جي سوشل ميڊيا ٽيم ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو هڪ ٽوئيٽ پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تي شيئر ڪيو هو، جنهن ۾ احسن اقبال آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي هڪ خبر شيئر ڪندي لکيو هو ته ٽرمپ جي شڪست دنيا جي آمرن لاءِ هڪ شڪست آهي، اهڙو هڪ پاڪستان ۾ به آهي، جنهن کي جلد رستو ڏيکاريو ويندو.
احسن اقبال جي ان ٽوئيٽ کي ڪجهه دير کانپوءِ آمريڪي سفارتخاني جي آفيشل اڪائونٽ ذريعي ري ٽوئيٽ ڪيو ويو، جنهن تي تحريڪ انصاف ميمبرن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو.
جيتوڻيڪ آمريڪي سفارتخاني اهو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو پر هن وقت تائين سوشل ميڊيا واهپيدار ان جا اسڪرين شاٽ وٺي چڪا هئا ۽ باهه ٻري چڪي هئي.
انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزارين پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته آمريڪي سفاتخاني کي سفارتي ادبن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اهو ڪوڙ ناهي ته ان کي معافي وٺڻ گهرجي.
US Embassy still working in Trumpian mode in support of convicted absconder & intervening brazenly in our internal politics! Monroe Doctrine also died centuries ago! US Embassy must observe norms of diplomacy – so if fake then clarify thru tweet; if not then apology tweet needed pic.twitter.com/YI66Ykqqli
— Shireen Mazari (@ShireenMazari1) November 11, 2020
سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سميت تحريڪ انصاف جي ٻين سياسي شخصيتن توڙي عام پاڪستانين به مطالبو ڪيو ته آمريڪي سفارتخاني کي معافي وٺڻ گهرجي.
هوڏانهن آمريڪي سفارتخاني ان معاملي تي هڪ وضاحتي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته گذريل رات غير قانوني طريقي سان اسان جي اڪائونٽ تائين پهچ حاصل ڪئي وئي ۽ آمريڪي سفارتخانو ڪنهن سياسي پيغام جي پوسٽنگ يا ري ٽوئيٽنگ جي تصديق نٿو ڪري.
Dear Followers: The U.S. Embassy Islamabad Twitter account was accessed last night without authorization. The U.S. Embassy does not endorse the posting or retweeting of political messages. We apologize for any confusion that may have resulted from the unauthorized post.
— U.S. Embassy Islamabad (@usembislamabad) November 11, 2020
آمريڪي سفارتخاني ان معاملي تي معافي پڻ ورتي آهي.
The post وزيراعظم بابت تڪراري ٽوئيٽ، تنقيد کانپوءِ آمريڪي سفارتخاني معافي گهري ورتي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment