

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب مزارون، ٿيٽر ۽ سئنيما گهر فوري طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اين سي او جو اجلاس رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ تعليم جي شعبي سميت سڄي ملڪ ۾ وبائي مرض جي انگن اکرن ۽ پکيڙ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته وڏن عوامي ميڙاڪن تي پابندي جي تجويز ڏني وئي، گڏوگڏ هاءِ رسڪ ايرياز ۾ ڪورونا پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي.
اين سي او سي اجلاس ۾ ڪورونا جي ٻهر لهر کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جي تجويز به ڏني وئي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب وڏي نقصان کان محفوظ رهڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي اتفاق راءِ جو انتظار آهي، تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ روڪڻ جي ضرورت آهي، 16 نومبر تي تعليم وارو وفاقي وزير صوبائي وزيرن سان گڏ صورتحال جو جائزو وٺندو، جنهن ۾ ڪورونا جي روڪٿام لاءِ سياري جو موڪلون تڪڙي ڪرڻ يا انهن جو مدو وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو.
اين سي او سي اجلاس ۾ مزارون، ٿيٽر ۽ سئنيما گهر بنا دير بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته 20 نومبر کان رڳو 5 سئو ماڻهن جي حد سان ٻاهرين سطح تي شادين جي اجازت هوندي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪيترن ئي مهينن کان هيل تائين مسجدن ۾ ايس او پي تي عمل کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ به مسجدن کي ايس او پيز تي عمل جاري رکڻ جي صلاح ڏني.
The post ڪووڊ 19: مزارون ۽ سئنيما گهر بند، سياري جون موڪلون تڪڙي ڪرڻ جي سفارش appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment