مان ۽ بلاول ٻار ناهيون: مريم نواز - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, November 7, 2020

مان ۽ بلاول ٻار ناهيون: مريم نواز


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بلاول جي بيان جي غلط تشريح ڪجهه ماڻهن جي ضرورت آهي.

اسڪردو کان واپسيءَ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بلاول، پيپلز پارٽي، مان ۽ ن ليگ ڄاڻيون ٿا ته اهو ڪير ۽ ڇو ڪرائي رهيو آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي، جنهن تي اسان کي اعتراض هجي، بلاول ۽ مان ٻار ناهيون، پ پ چيئرمين ميچور سياستدان آهي، اسان کي خبر آهي ته ان بيان کي پيش ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو آهي.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ اهي ڌانڌلي ڪري چڪا ۽ ڪرائڻ چاهين ٿا، ن ليگ عوام جي خدمت ڪئي آهي، ن ليگ جو موقف عوام جو موقف آهي، اسڪردو ۾ ماڻهن جا جذبا ڏسي آئي آهيان.

مريم نواز چيو ته نواز شريف جو اصل وطن پاڪستان آهي ۽ هو ضرور واپس ايندو.

The post مان ۽ بلاول ٻار ناهيون: مريم نواز appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages