ن ليگ چاهي ٿي ته فوج بغاوت ڪري: وزيراعظم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, November 7, 2020

ن ليگ چاهي ٿي ته فوج بغاوت ڪري: وزيراعظم


 

حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ ان حد تائين پهچي ويو آهي ته جو ڀارت جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.

حافظ آباد ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، هيلٿ ڪارڊ جي صورت ۾ جيڪا هيلٿ انشورنس پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي عوام کي حاصل آهي، اهڙي وڏن وڏن ترقي يافته ملڪن ۾ به ناهي.

هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اڄڪلهه ڪجهه ماڻهن سرڪس شروع ڪيو آهي، انهن 30 سالن تائين ملڪ کي لُٽيو، ان دور ۾ انهن ماڻهن لاءِ الڳ قانون ۽ مينهن چورن لاءِ الڳ قانون هو پر هاڻ اهي ماڻهو ڦاسي پيا آهن، ڇو ته اسان نيب کي مڪمل آزاد ڇڏي ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته انهن ماڻهن چوري پڪڙجڻ تي مون کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن کين اين آر او ملي وڃي، جيڪي سڀ ماڻهو گڏ آهن انهن لاءِ نياپو آهي ته اڄ تائين توهان جو جن ماڻهن سان مقابلو هو اهي ڪرپٽ هئا يا وري انهن کي ڪرسي جي خواهش هئي پر اڄ توهان جو مقابلو عمران خان سان آهي.

عمران خان چيو ته انهن اڳ ۾ مون کي ڪورونا تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر الله پاڪ اسان کي ڪورونا کان بچايو، پوءِ وري انهن ايف اي ٽي ايف تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ به ناڪام ٿيا ته پاڪ فوج جي سربراهه خلاف سازش تي لهي پيا، جيترا به جلسا ڪرڻا اٿوَ ڪيو پر جيستائين ملڪ جي لُٽيل دولت واپس نٿا ڪيو توهان کي نه ڇڏينداسين.

وزيراعظم موجب اهو نواز شريف جيڪو هتي بيمار هو، لنڊن جي هوا لڳڻ کانپوءِ صفا چاڪ ٿي ويو، هو لنڊن ۾ ويهي پاڪ فوج خلاف سازش ڪري رهيو آهي، نواز شريف پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ ڀارت جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.

هن چيو ته سرڪس وارا چون ٿا چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، مان آڇ ڪئي هئي ته تڪ کولڻ لاءِ تيار آهيان پوءِ توهان ڇو نه آيا؟ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي سسٽم تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جو هارائيندڙ به مڃيندو ته چونڊون شفاف ٿيون.

سندس چوڻ هو ته آرمي چيف تي حملو سڄي فوج تي حملو آهي، ن ليگ چاهي ٿي ته فوج بغاوت ڪري، اسان جي فوج تباهه ٿئي.

The post ن ليگ چاهي ٿي ته فوج بغاوت ڪري: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages