سائنسدانن پهريون ڀيرو نانگ جو زهر ليبارٽري ۾ تيار ڪري ورتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, November 10, 2020

سائنسدانن پهريون ڀيرو نانگ جو زهر ليبارٽري ۾ تيار ڪري ورتو


جيڪڏهن بدقسمتي سان اوهان کي ڪو زهريلو نانگ ڪکي وجهي ته زندگي بچائڻ لاءِ بهترين اميد ترياق آهي، جنهن کي 19 هين صدي کان هڪ ئي طريقي سان تيار ڪيو پيو وڃي.

ان طريقيڪار ۾ نانگ کي هٿ ۾ پڪڙي ان جي زهر کي ڪنهن ٿانو ۾ جمع ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ٻين جانورن کي  ڪجهه مقدار ۾ ڏنو ويندو آهي ته جيئن هڪ مدافعتي نظام سرگرم ٿي سگھي.

پوءِ ان جانور جو رت جمع ڪبو آهي ۽ صاف ڪري اينٽي باڊيز کي حاصل ڪيو ويندو آهي جيڪي زهر جي خلاف ڪم ڪندا  آهن.

ترياق کي تيار ڪرڻ تمام ڏکيو عمل آهي ۽ خطرناڪ به ثابت ٿي سگھي ٿو جنهن کي تيار ڪندڙن ۾ سنگين هاڃيڪار اثرن جو خطرو هوندو آهي.

هاڻ آخرڪار سائسندانن هڪ نئون طريقو دريافت ڪيو آهي، جنهن مان اميد آهي ته 21 هين صدي ۾ ترياق جي تياري سولي ۽ هر سال لکين نه ته هزارين حياتيون بچائڻ ۾ مدد ملي سگھندي.

نيدرلينڊ جي ماهرن مختلف قسمن جي نانگن جو زهر تيار ڪندڙ غدود ليبارٽري ۾ اسٽيم سيلز جي مدد سان تيار ڪيا.

محققن جو چوڻ هو ته اهو زهر نانگ جي زهر جهڙو ئي هوندو آهي.

ٻي پاسي ڀارت ۾ ڪوبرا جي جينول جو سيڪونس تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ڪوبرا هر سال رڳو ڀارت ۾ ئي 50 هزار ماڻهن کي ڪکيندو آهي.

طبي ماهرن جو چوڻ هو ته ان ميدان ۾ تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي، اها تمام وڏي اڳڀرائي آهي ڇو جو 2020ع ۾ به ان شعبي کي هن وقت تائين نظرانداز ڪيو ويو هو.

نيدرلينڊ جي هيوبريچٽ انسٽيٽيوٽ جي محقق هانس ڪليورز ٻڌايو ته هنن ڪڏهن اميد به نه ڪئي هئي ته هنن جي ليبارٽري کي نانگ جو زهر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

10 ورهيه اڳ هنن اسٽيم سيلز مان ننڍا انساني عضوا بڻائڻ جي ٽيڪنيڪ ايجاد ڪئي هئي، جنهن مان سڄي دنيا ۾ ماهرن کي جسم کان ٻاهر دوائن جي مخصوص اثرن کي جاچڻ جو موقعو ملي ٿو.

ان طريقيڪار سان ڪينسر جي علاج واري شعبي ۾ انقلابي اڳڀرائي ٿي هئي.

محققن جو چوڻ هو ته هنن نانگ جا بيضا حاصل ڪيا ۽ انهن جي ٽشوز جو ننڍڙو ٽڪر کنيو، جنهن ۾ اسٽيم سيلز موجود هئا  ۽ ان کي گھٽ پاري ۾ ان عمل گزاريو ويو، جنهن عمل مان انساني عضوا تيار ڪيا ويندا هئا، ته جيئن زهريلو غدود تيار ٿي سگھي.

اهڙي طرح هو حقيقي نانگ جهڙو زهر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

The post سائنسدانن پهريون ڀيرو نانگ جو زهر ليبارٽري ۾ تيار ڪري ورتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages