

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسابقتي ڪميشن آف پاڪستان قانون جي ڀڃڪڙي ۽ غير مسابقتي سرگرمين تي 84 شگر ملز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
مسابقتي ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پنجاب جي 45، سنڌ جي 33 ۽ خيبر پختونخواهه جي 6 شگر ملز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
ڪميشن جو چوڻ آهي ته شگر ملز ايسوسيئيشن جا سينيئر عهديدار حساس ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ اگهن جي لاهن چاڙهن ۾ ملوث رهيا آهن، ايسوسيئيشن کنڊ جي برآمد سان ذخيرن ۾ گهٽتائي ڪئي ۽ گڏيل طور کنڊ جا اگهه وڌايا.
پڌرائيءَ موجب 20-2019 ۾ پنجاب جي 15 شگر ملز ڪمند جي ڪرشنگ ۾ به دير ڪئي.
جن ملز کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، انهن ۾ آصف زرداري، نواز شريف، جهانگير ترين ۽ همايون اختر جي خاندان جون ملڪيتي شگر ملز به شامل آهن.
The post قانون جي ڀڃڪڙي تي زرداري، شريف خاندان ۽ جهانگير ترين جي شگر ملز کي شوڪاز نوٽيس appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment