پي ايس ايل ميچون: مڙس جي حوصلا افزائي لاءِ ثانيا مرزا ڪراچي پهچي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, November 9, 2020

demo-image

پي ايس ايل ميچون: مڙس جي حوصلا افزائي لاءِ ثانيا مرزا ڪراچي پهچي وئي

sanir-mirza
sanir-mirza

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ڪراچي پهچي وئي.

ثانيا مرزا پاڪستان سپر ليگ 2020 جي رهيل ميچن ۾ پنهنجي مڙس شعيب ملڪ جي حوصلا افزائي لاءِ پاڪستان آئي آهي.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب 17 مارچ تي ملتوي ڪيل پاڪستان سپر ليگ فائيو جون رهيل ميچون 14 نومبر کان ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن.

پي ايس ايل جا پلي آف ۽ فائنل 14، 15 ۽ 17 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندا، جنهن لاءِ پرڏيهي ڪرڪيٽر به پاڪستان پهچي رهيا آهن.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ پي ايس ايل 2020 ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

The post پي ايس ايل ميچون: مڙس جي حوصلا افزائي لاءِ ثانيا مرزا ڪراچي پهچي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages