

نگر (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زراري چيو آهي ته جڏهن تحريڪ انصاف وارن کي شڪست نظر ايندي آهي ته اهي خراب ٻولي استعمال ڪندا آهن، حڪومت طرفان مريم نواز خلاف خراب ٻولي استعمال ڪئي وئي.
نگر ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان جي هر تڪ ۾ گهمي رهيو آهيان ۽ اهو علائقو ڳولي رهيو آهيان، جتي شهيد ڀٽو قدم نه رکيو هجي پر اڃا تائين مون کي اهڙي ڪا جاءِ ناهي لڌي، اسان جو ٽن نسلن جو رشتو آهي، ان کي قائم رکنداسين، شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جو اڻپورو مشن پورو ڪنداسين.
هن چيو ته جيئن پ پ حڪومت سڄي سنڌ ۾ دل، جگر ۽ گڙدن جي مفت علاج جو ڄار وڇايو، ائين ئي گلگت بلتستان ۾ به مفت علاج لاءِ اسپتالون قائم ڪيون وينديون، گلگت بلتستان کي آئيني ۽ روزگار جا حق پ پ ڏياريندي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان 2018 ۾ چونڊن کان اڳ به پاڪستان جي عوام سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ هاڻ گلگت بلتستان جي عوام سان به ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته 15 نومبر تي ڪاميابي حقيقي جمهوري جماعت پيپلز پارٽي جي ئي ٿيندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ وارا هر واعدي تي يوٽرن وٺندا آهن، پ پ جي ڪاميابي ۽ پنهنجي شڪست نظر اچڻ تي حڪومتي وزير گارين تي لهي پيا آهن.
The post پي ٽي آءِ وارا پنهنجي شڪست ڏسي گارين تي لهي پيا آهن: بلاول ڀٽو زرداري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment