گلگت جو عوام ڌانڌلي ۽ تڪراري نتيجن خلاف چُپ نه ويهندو: بلاول ڀٽو زرداري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, November 13, 2020

گلگت جو عوام ڌانڌلي ۽ تڪراري نتيجن خلاف چُپ نه ويهندو: بلاول ڀٽو زرداري


گلگلت (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ گلگت بلتستان جي چونڊ مهم ۾ اسان جو آخري جلسو هو پر روڪيو ويو، فيصلو نه وڻڻ باوجود تسليم ڪري رهيو آهيان.

گلگت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو شروع کان مطالبو رهيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿين پر افسوس ائين نه پيو ٿئي، پ پ اها جماعت آهي، جنهن پاڪستان کي آئين ڏنو ۽ اسان گلگت بلتستان جي عوام کي ان جو حق ڏيارينداسين.

هن چيو ته چونڊ مهم دوران اسان کي صوبي بدر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اڄ اسان جو آخري جلسو روڪيو ويو، عدالتي فيصلو پسند نه هجڻ باوجود تسليم ڪري رهيو آهيان ۽ پاڻ کي چونڊ مهم کان روڪي رهيو آهيان، اسان قانون جي بالادستي کي مڃي رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ چونڊون صاف شفاف ٿيڻ ملڪ لاءِ انتهائي اهم آهي، گلگت جو عوام ڌانڌلي ۽ تڪراري نتيجن خلاف چُپ نه ويهندو ۽ ان خلاف لازمي احتجاج ٿيندو، ڌانڌلي نه ٿي ته اسان اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين.

The post گلگت جو عوام ڌانڌلي ۽ تڪراري نتيجن خلاف چُپ نه ويهندو: بلاول ڀٽو زرداري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages