فياض الحسن چوهاڻ اطلاعات واري وزارت تان هٿ ڌوئڻ کان بي خبر نڪتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, November 2, 2020

فياض الحسن چوهاڻ اطلاعات واري وزارت تان هٿ ڌوئڻ کان بي خبر نڪتو


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جو صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ اطلاعات واري وزارت هٽائڻ تان هٿ ڌوئڻ جي خبر کان لاعلم نڪتو.

جڏهن صحافين فياض الحسن چوهاڻ کان سوال ڪيو ته توهان کي اطلاعات واري وزارت تان هٽايو ويو آهي ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي وڏي وزير جي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي ته هن وراڻيو مون کي ان بابت ڪو علم ناهي.

واضح رهي ته فياض الحسن چوهاڻ کان پنجاب جي اطلاعات واري وزارت واپس ورتي وئي آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب فردوس عاشق اعواڻ کي پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار بڻايو ويو آهي، فياض الحسن چوهاڻ کان اطلاعات جو کاتو واپس ورتو ويو آهي ۽ هاڻ رڳو هو ڪالونيز کاتي جو صوبائي وزير هوندو.

The post فياض الحسن چوهاڻ اطلاعات واري وزارت تان هٿ ڌوئڻ کان بي خبر نڪتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages