اڳتي اٽي ۽ کنڊ جو بحران نه ٿيندو: وزيراعظم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 12, 2020

demo-image

اڳتي اٽي ۽ کنڊ جو بحران نه ٿيندو: وزيراعظم

imran-khan-9
imran-khan-9

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو وڏو سرمايو آهن، نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ پاڪستانين لاءِ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو آهي، اسڪيم سان ٻاهرين ملڪ پاڪستاني رقم ڏيهه آڻي سگهندا ۽ ريٽرن به سٺو ملندو.

اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت ۾ به کاڌي پيتي جو شيون مهانگيون ملي رهيون آهن، خراب موسم سبب ڪاٿي کان گهٽ ڪڻڪ پيدا ٿي، اڳتي ڪڻڪ ۽ کنڊ جو بحران پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته 17 ورهين کانپوءِ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ٿي ويو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي راضي ڪنداسين ته اهي پنهنجو پئسو پاڪستان آڻين، نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ اسڪيم سان سمنڊ پار پاڪستاني رقم به آڻي سگهندا ۽ ريٽرن به سٺو ملندو.

سندس چوڻ هو ته ڪرنسي جو قدر گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي وڌندي آهي، گذريل چئن مهينن ۾ پاڪستان جي قرض ۾ واڌ نه ڪئي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو وڏو سرمايو آهن، اسٽيٽ بئنڪ گونر سمنڊ پار پاڪستانين کي راضي ڪندو ۽ هو ڊالر وطن آڻيندا.

The post اڳتي اٽي ۽ کنڊ جو بحران نه ٿيندو: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages