ڪورونا ويڪسين فراهم ٿيندي ئي سڄي پاڪستان ۾ ان جي پهچ تي ڪم جاري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 12, 2020

demo-image

ڪورونا ويڪسين فراهم ٿيندي ئي سڄي پاڪستان ۾ ان جي پهچ تي ڪم جاري

covi
covi

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين فراهم ٿيڻ کانپوءِ سڄي پاڪستان ۾ ان جي پهچ جي انتظامن تي ڪم جاري آهي.

صحت واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنوري 2020 کان سڄي دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي تياري جون ڀرپور ڪوششون جاري آهن ۽ ويڪسين فراهم ٿيندي ئي ان جي پهچ جي گڏيل حڪمت عملي تي ڪم جاري آهي.

ترجمان موجب سڄي دنيا ۾ مختلف ويڪسين ڪمپنين جي تيار ڪيل ويڪسين جا ٽرائل جاري آهن، تيار ٿيل ويڪسين جي ٽرائلز کانپوءِ ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويندو.

صحت واري وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين تي ماهرن جي خاص ڪميٽي نظر رکيو پئي اچي، ڪورونا ويڪسين جي فراهمي لاءِ صحت جي عالمي اداري سميت گاوي ۽ ڪوويڪس سان ڳالهيون جاري آهن، ڪورونا ويڪسين فراهم ٿيندي ئي سڄي ملڪ ۾ ان جي پهچ جي انتظامن تي ڪم جاري آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا سڄي دنيا ۾ صحت جي نظام ۽ معيشت کي متاثر ڪيو، اثرائتي ويڪسين ئي وبا خلاف ڊگهو تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿي.

The post ڪورونا ويڪسين فراهم ٿيندي ئي سڄي پاڪستان ۾ ان جي پهچ تي ڪم جاري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages