

لاهور (ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو.
لاهور جي احتساب عدالت جي ايڊمن جج جواد الحسن شهباز شريف سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو پر جوابدار ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
شهباز شريف جي عدالت ۾ پيشي وقت ن ليگ ڪارڪنن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ ڇڪتاڻ به ٿي.
پوليس ڪارڪنن کي شهباز شريف جي گاڏي اڳيان هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته حمزا شهباز کي به بڪتربند ۾ عدالت پهچايو ويو.
The post مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment