

نگر (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ن ليگ ڄمي بيٺي آهي ته ظلم اڳيان نه جهڪنداسين.
نگر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هتان جا ماڻهو محبت ڪندڙ آهن، ن ليگ عوامي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي، ظالم حڪمران جي ذهن تي رڳو انتقام سوار آهي.
هن چيو ته اهڙو ڪو ظلم ناهي جيڪو نواز شريف تي نه ٿيو، نواز شريف هر ظلم برداشت ڪيو، سندس ڌيءُ کي جيل موڪليو ويو، نواز شريف، مريم نواز ۽ ن ليگ ڄمي بيٺي آهي ته ظلم اڳيان نه جهڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم کي غريب جو ڪو احساس ناهي، حڪومت کي ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي هي رڳو ڪرسي تي ويٺا آهن، غريب عوام بُک مري رهيو آهي ۽ هي هٺ سان چون ٿا ته مهانگائي جي ذميوار ن ليگ ۽ پ پ آهي.
مريم نواز چيو ته عمران خان جا وزير گلگت بلتستان ۾ مائرن ۽ ڀينرن خلاف بيان بازي ڪري رهيا آهن، اهڙن ماڻهن جي ملڪي سياست ۾ ڪا جاءِ ناهي.
ن ليگ نائب صدر چيو ته جنهن جو خرچ ڪو ٻيو کڻندو هجي ان کي غريب جي تڪليف جو علم نٿو ٿي سگهي، غريب ماڻهن جي هٿن ۾ عمران خان جيان اميرن جي کيسا ناهن هوندا، هي حڪومت جا آخري ڌڪا آهن، سال جي آخر تائين وڃڻ واري آهي.
The post اهي رڳو ڪرسي تي ويٺا آهن، حڪومت ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: مريم نواز appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment