سبي ۾ جناح روڊ تي ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 30, 2024

سبي ۾ جناح روڊ تي ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو


ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر سبي ۾ جناح روڊ تي ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب ڌماڪو سبي ۾ جناح روڊ تي ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.
اسپتال انتظاميا موجب ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جن مان 3 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
هوڏانهن حالتن کي ڏسندي سبي ۽ ڪوئيٽا جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages