عمران خان اقتدار ويندي ڏسي ملڪ تي حملو ڪيو: نواز شريف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 30, 2024

عمران خان اقتدار ويندي ڏسي ملڪ تي حملو ڪيو: نواز شريف


هارون آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو، عمران خان وري ڪستو کڻي پهچي ويو.
بهاولنگر ضلعي جي علائقي هارون آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته مون کي نااهل ڪيو ويو پر اڄ ڪامياب ٿي عوام جي سامهون بيٺو آهيان، توهان جا نعرا ٻڌي منهنجو 5 ڪلو رت وڌي ويو، مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، سستي بجلي آندي، ٻڌايو توهان کي نواز شريف ياد ايندو آهي يا نه؟
هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب نواز شريف جي دور ۾ ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ٿي چڪو هو، ثاقب نثار ٻڌائي ته جنهن کي عالمي دنيا ڪرپٽ ترين چئي رهي آهي، ان کي توهان صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڇو ڏنو؟
سندس موجب اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو هو ۽ ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو هو، عمران خان وري ڪستو کڻي پنڻ لڳو، اسان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ هن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي.
نواز شريف چيو ته عمران خان جيئن ئي اقتدار ويندي ڏٺو ته پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ نتيجو اڄ عدالت ۾ آيو آهي، مان سمجهان ٿو ته اهو افسوسناڪ ڪردار رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages