لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته مان بي ڏوهه هيس، مون کي سزائون ڏيندڙ جج هڪ هڪ ڪري هليا ويا.
لاهور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو مون کي خبر آهي ته مان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي، جيڪڏهن مان ڪجهه نه ڪيان ها ته توهان مون کي هيئن پيار نه ڏيو ها.
هن چيو توهان به ڄاڻو ٿا ته نواز شريف بي ڏوهه هو، سزائون ڏيندڙ جج هڪ هڪ ڪري هليا ويا، ڪجهه مهينن کانپوءِ چيف جسٽس بڻجڻ وارو جج به هليو ويو، اهو ڇو ويو، ڇو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو هو.
سندس چوڻ هو ته اهو جج منهنجي ڪيسن تي مانيٽرنگ جج بڻجي ويٺو هو، هاڻ هو استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي ۽ نواز شريف توهان جي سامهون بيٺو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو منهنجي دل چاهي ٿي ته مان توهان لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيان، جنهن جي توهان کي مون مان اميد آهي، اڳ به مان سچائي سان ڪوشش ڪئي ۽ اڳتي به ڪا ڪسر نه ڇڏيندس.
نواز شريف عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي ن ليگ جو ساٿ ڏيڻو آهي، ملڪ ۽ قوم کي پيرن تي بيهارينداسين ۽ هيءَ دنيا جي خوشحال ترين قوم بڻجندي.
Post Top Ad
Monday, January 29, 2024
”منهنجي ڪيسن تي مانيٽر بڻجي ويٺل جج استعيفيٰ ڏئي هليو ويو، ڇو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو هو“
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment