سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي 10، 10 سال قيد جي سزا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 30, 2024

سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي 10، 10 سال قيد جي سزا


راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي 10، 10 سال پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

ٻڌڻي جي شروعات تي جوابدارن اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير کي قلم 342 جو سوال نامو ڏنو ويو جنهن تي پي ٽي آءِ باني 342 تحت پنهنجو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايو.

پي ٽي آءِ باني جو بيان مڪمل ٿيڻ بعد عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان کان سولو سوال آهي، سائفر ڪٿي آهي؟ پي ٽي آءِ باني جواب ڏنو ته مان اهو ئي بيان ۾ چيو آهي ته مون کي خبر ناهي، سائفر منهنجي آفيس ۾ هو.

ان موقعي تي جج ٻنهي جا نالا وٺي چيو ته مون ڏانهن ڏسو، مان اوهان کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌايان ٿو.

فيصلو ٻڌائڻ بعد جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين عدالت مان اٿي هليو ويو جڏهن ته فيصلي بعد شاهه محمود قريشي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو ته اڃا بيان ئي رڪارڊ ناهي ٿيو.

اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين جوابدارن جي موجودگي ۾ عدالت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪندي سزا ٻڌائي.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages