عورت ووٽرن جي انگ ۾ نمايان واڌ ٿي آهي: فافن رپورٽ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, February 1, 2024

عورت ووٽرن جي انگ ۾ نمايان واڌ ٿي آهي: فافن رپورٽ


اسلام آباد(م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن) ووٽر لسٽن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ووٽر لسٽن ۾ رڪارڊ12 ڪروڙ 80 لک ووٽر رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، عورتن جي ووٽرن جي رجسٽريشن ۾ اضافو هڪ نمايان رجحان آهي.2013 جي چونڊن کان بعد 4 ڪروڙ 23 لک ووٽرن جي واڌ ٿي آهي، ووٽرن جو تعداد هاڻي ملڪ جي آبادي جو 53.2 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 2018 ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو 49.6 سيڪڙو هو.پنجاب ۾ 57 سيڪڙو، خيبرپختونخواهه ۾ 53 سيڪڙو آبادي ووٽر آهن، سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ ووٽر لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو آهن، بلوچستان ۾ رڳو 36 سيڪڙو آبادي رجسٽرڊ ووٽر آهي.رپورٽ موجب عورتن جي ووٽرن جي رجسٽريشن ۾ اضافو ٿيو آهي، ووٽر جو صنفي فرق 2018ع ۾ 11.8 سيڪڙو هو جيڪو هاڻي 7.7 سيڪڙو ٿي ويو آهي، 2018ع کانپوءِ عورتن جي رجسٽريشن ۾ مردن کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.2 ڪروڙ 25 لک نون رجسٽرڊ ووٽرن مان هڪ ڪروڙ 25 لک عورتون ۽ هڪ ڪروڙ مرد آهن.سڀ کان وڌيڪ صنفي فرق پنجاب ۾ 5 ملين، سنڌ ۾ 2.2 ملين، خيبرپختونخواهه ۾ 1.9 ملين آهي، مجموعي طور صنفي فرق 10 سيڪڙو کان به گهٽ آهي.

 

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages