راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ عدت ۾ نڪاح جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
ٻڌڻي دوران عمران خان جج قدرت الله کي چيو ته مان ۽ بشريٰ بي بي قرآن پاڪ تي حلف کڻڻ لاءِ تيار آهيون، خاور مانيڪا به حلف کڻي، مان بشريٰ بي بي کي نڪاح واري ڏينهن ڏٺو، قرآن پاڪ کڻڻ لاءِ تيار آهيان.
خاور مانيڪا پي ٽي آءِ باني کي جواب ڏيندي چيو ته ڪوڙ ٿو ڳالهائين، خدا کان ڊڄ، تو منهنجو گهر تباهه ڪري ڇڏيو.
عمران خان عدالت کان قرآن پاڪ تي حلف وٺڻ جو ضد ڪيو، جنهن تي عدالت پي ٽي آءِ باني کي چيو ته حلف وٺڻ کانپوءِ توهان جو آڏي پڇا جو حق ختم ٿي ويندو.
عدالت آرڊر لکرايو ته قرآن پاڪ تي حلف وٺڻ تي جوابدارن جو آڏي پڇا جو حق ختم ٿيندو.
ان تي پي ٽي آءِ باني حلف وٺڻ تان ڦري ويو ۽ چيو اسان حلف به وٺنداسين ۽ آڏي پڇا به ڪنداسين.
عدالت چيو توهان حلف نٿا وٺي سگهو، توهان شاهد کان حلف وٺڻ جي آڇ ڪئي آهي.
عدالت پي ٽي آءِ باني جي خاور مانيڪا کي حلف جي آڇ کي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو.
ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي صبح 9 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.
Post Top Ad
Friday, February 2, 2024
عدت ۾ نڪاح جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ خاور مانيڪا ۾ ڏند چڪ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment