راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ ۽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت ۾ نڪاح جي شاهد عون چوڌري چيو آهي ته ڇا ليڊر ائين هوندا آهن؟ ملڪ سان مذاق ڪيو ويو آهي، خوابن تي ملڪ جا فيصلا ٿيندا هئا.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عون چوڌري چيو ته عدت ۾ نڪاح بابت ڪيس ۾ جج سامهون ڏنل بيان سچ تي ٻڌل آهي، مان ان نڪاح جو شاهد هيس، اهو نڪاح عدت دوران ٿيو ۽ اهو ثابت ٿيو ته عدت پوري نه ٿي هئي.
هن چيو ته پاڻ کي پارٽي جو ليڊر چورائيندڙ پنهنجي زندگي جا فيصلا ڪوڙ تي ڪندو آهي، ماڻهن کي درس ڏيندو آهي ۽ نوجوانن کي گمراهه ڪندو آهي، ٻارن کي ڪهڙو سبق ملي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جنهن محترمه سان نڪاح ٿيو، اها مذهب جو لباس اوڙهي ويٺي آهي، مذهب جي اوٽ ۾ ملڪ جي وزيراعظم کان وڏا وڏا فيصلا ڪرايا ويا، خوابن تي ملڪ جا فيصلا ٿيندا هئا، خوابن پويان حقيقت ۾ فراڊي جوڙو فرح گوگي ۽ جميل گجر هئا، خوابن جي تعمير اها هوندي هئي ته ماڻهن کي وزير لڳايو، وڏن وڏن عهدن تي رکو.
عون چوڌري چيو ته اهو پاڪستان سان ڪِريل مذاق هو، جنهن تي اڄ سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، توهان وزيراعظم هوندي چوري ڪئي، شرم جي ڳالهه آهي ته اڳوڻي وزيراعظم تي چوري ثابت ٿي، توهان ٻين کي چور چيو ۽ چوري پاڻ ڪئي، توهان جيڪو ملڪ سان ڪيو، اهو شايد ڪو دشمن به نه ڪري.
هن چيو ته سائفر معاملي تي توهان ملڪ سان مذاق ڪيو، جنهن جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون، اسان کي پنهنجي ذات لاءِ نوجوانن ۾ بغاوت پيدا نه ڪرڻ گهرجي.
Post Top Ad
Friday, February 2, 2024
مذهب جي اوٽ ۾ ملڪ جي وزيراعظم کان وڏا وڏا فيصلا ڪرايا ويا: عون چوڌري
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment