اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) نامياري تجزئي نگار مزمل سھروردي ڳالھائيندي چيو آھي ته عمران خان کي ھر ڪيس ۾ سزا ملندي ۽ مونکي اھو سلسلو لاڳيتو ھڪ سال تائين ھلندي نظر اچي رھيو آھي، سندس وڪيل ٻڌڻين تي اچڻ ڇڏي ڏيندا ۽ اھي ميدان ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ تهعمران خان وڪيلن کي فيس جا پئسا ناھي ڏيندو، ۽ وٽس ايترا پئسا به ناھن ڇو ته ھاڻ ھو پارٽي ٽڪيٽ وڪرو ڪري نٿو سگھي، جيڪي بقول شيخ رشيد جي ته اھو ٽي ٽي ڪروڙ رپين ۾ کپائيندو ھو.
مشھور اينڪر پرسن صوبيا اشرف جي ٽي وي پروگرام اندر جي ڳالھه ۾ نامياري تجزئي نگار مزمل سھروردي ڳالھائيندي چيو ته جيڪڏھن عمران خان تي سئو ڪيس آھن ته کيس سئو ڀيرا ئي سزا ملندي، ھو ڪنھن به ڪيس ۾ سزا کان بچي نه سگھندو، ۽ سندس وڪيل ٻڌڻين تي اچڻ ڇڏي ڏيندا، ڇا ڪاڻ ته عمران خان کي فيس ڏيڻ جي عادت ناھي.
مزمل سھروردي وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي عمران خان جي خلاف واعدي معاف گواھه بڻجندي ان لاءِ ئي کيس گھر ۾ نظربند ڪيو ويو آھي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن مريم نواز ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ قيد ڪري سگهجي ٿو ته بشريٰ بي بي جي محل نما گهر کي سب جيل قرار ڏئي رکڻ هڪ وڏو سوال آهي، جنهن جو جواب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو.
مراد سعيد انڪشاف ڪيو آھي ته بني گالا ۾ بشري بي بي کي ان لاءِ رکيو ويو آھي جو اتي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون ڪيون پيون وڃن، سندس اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ڊيل ٿي سگھي ٿي.
هڪ سوال جي جواب ۾ مزمل سھروردي چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي دوران 9 مئي جهڙيون پرتشدد ڪارروائيون ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري چڪا آهن، جنهن جي حساس ادارن پڻ رپورٽ ڏني آهي، ان تناظر ۾ ئي آرمي چيف جنرل عاصم منير اهو بيان جاري ڪيو آهي ته ڪنهن کي به چونڊن جي جمهوري عمل ۾ ڇيهو رسائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 02 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي
No comments:
Post a Comment