ڪيويز کي ٽئين ون ڊي ۾ به شڪست، سيريز ڀارت جي نالي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

ڪيويز کي ٽئين ون ڊي ۾ به شڪست، سيريز ڀارت جي نالي


مائونٽ مينگانوائي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ٽئين ون ڊي ميچ ۾ نيوزي لينڊ کي ستن وڪيٽن وڪيٽن تان هارائي پنج هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسري حاصل ڪري ورتي آهي. مائونٽ مينگانوائي جي ” ڪي بي اوول ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سموري ٽيم 49 اوورز ۾ 243 رنسن تي ڍير ٿي وئي. نيوزي طرفان سينيئر بيٽسمين روزٽيلر 93، ٽام ليٿم 51 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 28 رنسون ٽاپ اسڪورر رهيا جڏهن ته ٻيا بيٽسمين ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا. ڀارت طرفان محمد شامي ٽن رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو جڏهن ته ڀونيشور ڪمار، يوزوندرا چاهل ۽ هاديڪ پانڊيا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. ڀارت  244 رنسن جو هدف کي سولائي سان 43 اوورز ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ڪيوي ٽيم کي لڳاتار ٽئين ون ڊي ميچ ۾ هارائي پنجن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسري حاصل ڪري ورتي آهي. مهمان ٽيم طرفان اوپنر  روهت شرما 62، شيکر ڌون 28 ۽ ڪپتان ويرات ڪوهلي 60 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته امباتي رائيڊو 40 ۽ دنيش ڪارٿڪ 38 رنسون سان ناٽ آئوٽ رهيا. ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ محمد شامي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

The post ڪيويز کي ٽئين ون ڊي ۾ به شڪست، سيريز ڀارت جي نالي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages