مسلم ليگ ن طرفان مريم نواز جي آمريڪي سفارتخاني جي انچارج کي خط جي ترديد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

مسلم ليگ ن طرفان مريم نواز جي آمريڪي سفارتخاني جي انچارج کي خط جي ترديد


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز جو آمريڪي سفارتخاني جي انچارج کي خط جعلي ۽ ڪوڙ آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته انصاف تي يقين رکندڙ سمورا ماڻهو نواز شريف جي صحت لاءِ فڪر مند آهن، رڳو الله تعاليٰ جي مدد تي ڀروسو آهي ۽ سندس ذات مان ئي اميد آهي. مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته مريم نواز جو آمريڪي سفارتخاني جي انچارج کي خط جعلي ۽ ڪوڙ آهي،  اهڙو خط نواز شريف جي صحت جي سنگيني تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.

The post مسلم ليگ ن طرفان مريم نواز جي آمريڪي سفارتخاني جي انچارج کي خط جي ترديد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages