اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بحريا ٽائون پنهنجي ڪراچي، راولپنڊي ۽ مري جي منصوبن جي زمين کي قانوني دائري ۾ آڻڻ لاءِ 4 سئو 85 ارب رپين جي نئين آڇ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. عدالت عظميٰ ۾ جمع ڪرايل ان نئين آڇ ۾ بحريا ٽائون ٽنهي منصوبن لاءِ الڳ الڳ آڇ ڪئي آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪراچي جي منصوبي لاءِ 440 ارب رپيا ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي. بحريا ٽائون جي وڪيل طرفان جمع ڪرايل آڇ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي بحريا ٽائون لاءِ 440 ارب رپيا، تخت پڙي ۽ راولپنڊي ايراضي لاءِ 22 ارب رپيا، جڏهن ته مري منصوبي جا 23 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. بحريا ٽائون رقم جي ادائيگي جي مدي ۾ به هڪ سال گهٽتائي ڪئي آهي ۽ هاڻ 485 ارب رپيا 8 سالن جي عرصي ۾ ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. وڪيل طرفان درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 4 ارب 70 ڪروڙ رپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته 10 ارب 75 ڪروڙ رپيا سپريم ڪورٽ وٽ اڳ ئي جمع آهن. آڇ جي ادائيگي کي واضح ڪندي وڪيل ٻڌايو ته اڳ 5 سالن ۾ 2 ارب رپيا ماهوار قسط ڏني ويندي، جڏهن ته باقي 3 ورهين ۾ 8 ارب 33 ڪروڙ رپيا ماهوار ادائيگي ٿيندي. وڪيل موجب ان آڇ جي منظوري تي 20 ارب رپين جي پهرين قسط ادا ڪئي ويندي، تنهن ڪري عدالت عظميٰ کي اپيل آهي ته اها قبضي هيٺ زمين کي فوري طور بحريا ٽائون جي نالي تي منتقل ڪري. واضح رهي ته بحريا ٽائون طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل ان آڇ تي سڀاڻي 13 مارچ تي ٻڌڻي ٿيندي.
The post بحريا ٽائون سپريم ڪورٽ کي اربين رپين جي نئين آڇ ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment