پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جو جاسوس جهاز ڪيرائي وڌو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جو جاسوس جهاز ڪيرائي وڌو


راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي جاسوس جهاز ڪيرائي وڌو. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور طرفان ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي جاسوس جهازکي لائن آف ڪنٽرول تي رک چڪري سيڪٽر ۾ ڪيرايو ويو آهي.  ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارتي جاسوس جهاز 150 ميٽر پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو. گذريل مهيني 26 فيبروري تي ڀارتي جهازن پاڪستاني هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي پر هوائي فوج جي وقت تي ڪارروائي ۾ ڀارتي جهاز بدحواسي ۾ پي لوڊ ڪيرائي هليا ويا جڏهن ته ٻئي ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي مداخلت جي ڪوشش کي هوائي فوج ناڪام بڻائيندي ٻن ڀارتي جهازن کي ڪيرائي وڌو جڏهن ته ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ خير سگالي جي جذبي تحت آزاد ڪيو ويو.

The post پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جو جاسوس جهاز ڪيرائي وڌو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages