اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) نان فائلر پارليامينٽ ميمبرن کي نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب 200 نان فائلر پارليامينٽ ميمبرن کي نوٽيس موڪليا ويندا. 2018 ۾ 200 ميمبرن ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرايا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جن چونڊيل نمائندن 2018 جا گوشوارا جمع نه ڪرايا، انهن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر شامل آهن، ان کانسواءِ سينيٽ جي ڪجهه ميمبرن به پنهنجا ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرايا، جنهن کانپوءِ نان فائلر پارليامينٽ ميمبرن کي نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن سمورن پارليامينٽ ميمبرن مقرر تاريخ تائين پنهنجا ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪيا، تنهن ڪري هاڻ انهن کي نوٽيس موڪليا ويندا.
The post پارليامينٽ ميمبر ڏچي ۾… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment