لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت طرفان پاڪستاني شهرين کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ گهٽتائي ۽ سخت شرطن سبب دوستي بس سروس ذريعي سفر ڪندڙن جو تعداد نه هئڻ برابر رهجي ويو آهي. پلواما حملي کانپوءِ ڀارت پاڪستاني شهرين لاءِ ويزا پاليسي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب ڀارت ويندڙ پاڪستاني شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته لاهور ۽ دهلي وچ ۾ هلندڙ دوستي بس سروس به ڪجهه مسافر کڻي واپس اچي ۽ وڃي ٿي. جمعي ڏينهن به لاهور مان 8 مسافر ڀارت روانا ٿيا جنهن ۾ وڌيڪ تعداد ڀارتي شهرين جو هو جڏهن ته دهلي کان لاهور ايندڙ مسافرن جو تعداد 14 ٻڌايو پيو وڃي. لاهور ۾ ڀارت لاءِ ويزا درخواستون حاصل ڪندڙ هڪ خانگي ڪوريئر ڪمپني جي هڪ عورت بشريٰ ملڪ چيو ته سندس پٽ کي جيري جو مرض آهي، ڊاڪٽرن سندس علاج ڀارت ۾ تجويز ڪيو آهي، هن 2 ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي ته ڀر هر ڀيري ڀارتي سفارتخانو ڪو نه ڪو جواز بڻائي ويزا درخواست رد ڪري ڇڏيندو آهي، هنن ٻيو ڀيرو درخواست ڏني آهي الله ڪري کين ويزا ملي وڃي.
The post ڀارتي هوڏ سبب دوستي بس سروس ۾ سفر نه ڪندڙ مسافرن جو تعداد نه هئڻ برابر appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment