ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪندڙ آصف علي جي ڪينسر ۾ مبتلا نياڻي بابت ڳڻتي واري خبر سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته اسپتال مان سٺيون خبرون ناهن اچي رهيون. آصف علي جي نياڻي هڪ سال کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهي پر هو ان باوجود پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪندو رهيو جنهن جو ذڪر ڪندي ڪوچ ڊين جونز به گذريل ڏينهن پريش ڪانفرنس دوران روئي پيو هو. اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڊائريڪٽر ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ آهي ته آصف علي جي نياڻي جي بيماري بابت گذريل هڪ سال کان ٻڌي رهيا آهيون ۽ هاڻي اسپتال مان به ڪي سٺيون خبرون ناهن اچي رهيون پر ان باوجود آصف علي راند کيڏندو رهندو آهي، سندس جي حوصلي جي داد ڏيڻ گھرجي. وقار يونس طرفان اسپتال مان سٺيون خبرون نه اچڻ جي ڳالهه ڪرڻ بعد آصف جا مداح پريشاني ۽ ڳڻتي ۾ مبتلا آهن ۽ سندس نياڻي جي صحت لاءِ دعاگو آهن.
The post قومي ڪرڪيٽر آصف جي نياڻي بابت ڳڻتي جوڳي خبر اچي وئي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment