![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/krachi-qatal.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/krachi-qatal.jpg)
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ وحشين معصوم نينگريءَ کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ وحشي جوابدارن معصوم نينگري فرشتا کي جنسي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو. نينگري فرشتا جو تعلق ڪي پي جي ضلعي مهمند سان آهي. پوليس موجب 15 مئي تي چڪ شهزاد مان گم ٿيل نينگري کي قتل ڪري لاش جهنگ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. فرشتا جي مڙهه کي جهنگ مان هٿ ڪيو ويو. نينگريءَ جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.
The post اسلام آباد ۾ معصوم نينگري کي زيادتي کانپوءِ قتل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment