برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ اڏامندڙ ٽيڪسي جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. ان ٽيڪسي کي هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني ليليئم تيار ڪيو آهي جنهن ۾ پنج ماڻهو ويهي سگھن ٿا.
ڪمپني موجب ان ۾ ورٽيڪل آف اينڊ لانڊنگ (وي ٽي او ايل) سسٽم آهي يعني رن وي کان سواءِ اها هيليڪاپٽر جيان اٿندي آهي ۽ لينڊ ڪندي آهي. ان جي رفتار 186 ميل في ڪلاڪ يعني 300 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. ڪمپني ان کي تيار ڪرڻ لاءِ ڊگھو عرصو تحقيق ڪئي آهي ۽ ان کي ڪيترين آزمائشن مان پڻ گذاريو ويو آهي.
ٻئي پاسي ٻيون ڪمپنيون اهڙين برقي گاڏين تي ڪم ڪري رهيون آهن جن سان جلد ئي ڊرون گاڏيون ۽ هوائي ٽيڪسيون جو خواب پورو ٿي ويندو.
ان ٽيڪسي ۾ هڪ ٻه نه پر 36 عدد برقي انجڻيون لڳل آهن جيڪي ان کي اڏام جي قابل بڻائينديون آهن ۽ ان جي رفتار گھڻي تيز آهي پر في الحال ان کي هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ سان اها 80 ميل جو مفاصلو ئي طئي ڪري سگھي ٿي. تيز رفتاري سبب اها ڪراچي کان حيدرآباد رڳو اڌ ڪلاڪ ۾ پهچائي سگھي ٿي.
ليليئم جي سڀ ڪامياب ڳالهه ان جي ڊيزائن آهي جيڪا ڊرون موڊ ۾ پاڻ مرادو يا پائلٽ تي ڪم ڪندي آهي. ان ۾ پُڇُ ناهي، رڊر ناهي ۽ نه ئي ڪو گيئر باڪس اٿس. مسافرن لاءِ ان ۾ آرام ده سيٽون لڳل رکيون ويون آهن.
ڪمپني موجب اها ٽيڪسي 2025ع تائين وڏن شهرن عام موجود هوندي.
The post جرمني ۾ 5 مسافرن لاءِ اڏامندڙ ٽيڪسي تيار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment