وارسا (ويب ڊيسڪ) پولينڊ ۾ عورت هڪ ئي وقت 6 ٻار ڄڻيا آهن، ٻارن ۾ چار ڇوڪريون ۽ ٻه ڇوڪرا شامل آهن.
پولينڊ جي شهر ڪراڪو يونيورسٽي جي اسپتال ۾ عورت هڪ ئي وقت 6 ٻارن کي جنم ڏنو آهي، ٻارن جو وزن 2.2 پائونڊ (هڪ ڪلوگرام ) آهي.
اسپتال ترجمان موجب عورت جي عمر 30 ورهيه آهي، ڊاڪٽرن پولش جي شهر ڪراڪو ۾ 6 ٻارن جي پيدائش جي تصديق ڪندي چيو ته 4.7 بلين ڪيسن مان هڪ ڪيس اهڙو سامهون ايندو آهي.
پوليش صدر آنجي دودا والدين کي 6 ٻارن جي ڄمڻ تي مبارڪ ڏني آهي. هن ٽوئٽ ڪندي لکيو ته پولينڊ ۾ ان قسم جو اهو پهريون ڪيس سامهون آيو آهي.
The post پولينڊ ۾ هڪ ئي وقت 6 ٻارن جي پيدائش appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment