![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/national-security-advisor.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/national-security-advisor.jpg)
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت قومي سلامتي بابت وڏو فيصلو ڪري ورتو، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر جو عهدو مستقل طور ختم ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت نيشنل سيڪيورٽي بابت وڏو فيصلو ڪندي قومي سلامتي جي صلاحڪار جو عهدو ختم ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزرجو اسٽاف ٻين کاتن ۾ منتقل ڪيو ويندو، ٻڌايو ويو آهي ته قومي سلامتي واري صلاحڪار سان 27 رڪني آفيسرن جي ٽيم ڪم ڪري رهي هئي.
ذريعن موجب اهو به ٻڌايو ويو ته ڀارت سان قومي سلامتي جي معاملن تي ٻين سفارتي چينلن جو استعمال ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعه جي ريٽائرمنٽ کان پوءِ قومي سلامتي واري صلاحڪار جو عهدو خالي هو، ناصر جنجوعه کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف قومي سلامتي جو صلاحڪار مقرر ڪيو هو.
وزيراعظم جي ذريعن موجب ڄاڻايل عهدي تي ڪا به نئين مقرري نه پئي ڪئي وڃي.
The post قومي سلامتي صلاحڪار جو عهدو مستقل طور ختم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment