ڄام ڪمال هارس ٽريڊنگ جو الزام رد ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 4, 2019

ڄام ڪمال هارس ٽريڊنگ جو الزام رد ڪري ڇڏيو


 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتمادي رٿ تي هارس ٽريڊنگ نه ٿي هئي.

ڄام ڪمال پوليس شهيدن جي يادگار تي گل نڇاور ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتمادي رٿ تي اپوزيشن ووٽ نه پنهنجي پارٽين سان ناراضگي جو اظهار ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ حڪومت جي تبديلي جون ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن، اسان جي اتحادي حڪومت واضح عددي اڪثريت سان موجود آهي.

سندس چوڻ هو ته سيڪرٽ بيلٽ ۾ هر شخص دٻاءَ بنا پنهنجو فيصلو ڪندو آهي، اپوزيشن کي جيڪو مينڊيٽ مليو آهي، ان ۾ ئي سياست ڪري.

ڄام ڪمال چيو ته عمران خان بهتر انداز ۾ ملڪ هلائي رهيو آهي، هو بلوچستان لاءِ به سوچي رهيو آهي، پهريون ڀيرو ٻاهرين سيڙپڪاري پاڪستان ۾ اچي رهي آهي.

The post ڄام ڪمال هارس ٽريڊنگ جو الزام رد ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages