

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي والاريل ڪشمير جي تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال بابت آگاهي لاءِ سڄي دنيا جي پارليامينٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي.
صادق سنجراڻي سڄي دنيا جي پارليامينٽس کي خط لکي والاريل ڪشمير جي بگڙجندڙ صورتحال ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.
سينيٽ چيئرمين اهم ملڪن جي پارليامينٽس جي اسپيڪرز سان ٽيليفونڪ رابطو پڻ ڪندو.
ان ڏس ۾ صادق سنجراڻي جو چوڻ هو ته ڀارتي جارحيت عالمي امن لاءِ خطرو آهي، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي دنيا جو واضح موقف اچڻ گهرجي.
سينيٽ چيئرمين خط ۾ لکيو آهي ته دنيا ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جي خاتمي ۽ ڪشميرين کي پنهنجو حق ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.
صادق سنجراڻي چيو آهي ته عالمي برادري ڪلسٽر بمن جي استعمال ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي جو به نوٽيس وٺي، سڄي دنيا جا پارليامينٽيرين رياستي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهن.
The post سينيٽ چيئرمين جو والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سڄي دنيا جي پارليامينٽس کي خط appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment