

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان ڪلسٽر بم جي استعمال کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀارتي اڳرائين جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ گهرو وزير، پرڏيهي وزير، بچاءَ وارو وزير ۽ ڪشمير جي معاملن بابت وزير به شريڪ ٿيو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙين جي معاملي تي صلاح مشورو ڪيو ويو، جڏهن ته ڀارت طرفان سويلين آبادي کي ڪلسٽر بمن سان نشانو بڻائڻ واري معاملي تي ڳالهايو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڊي جي ملٽري آپريشنز اجلاس ۾ موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني.
قومي سلامتي ڪميٽي والاريل ڪشمير ۾ موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڀارت جي اڳرائين جو اثرائتو جواب ڏيڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي.
The post قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس، ڀارتي اڳرائين جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي حڪمت عملي تيار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment