

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي انتظاميا شهر ۾ بجلي جي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کان هاڻوڪي برساتن دوران لاپرواهي ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته انهن خلاف ڪيس به داخل ڪرائي سگھجن ٿا.
ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواني ڪي اليڪٽرڪ اختيارين سان ملاقات ڪئي، ان دوران هن ڪراچي ۾ اداري جي خراب ڪاڪردگي تي سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪا 20 ڄڻن جي موت جو سبب بڻي.
واضح رهي ته شهري انتظاميا ڪرنٽ لڳڻ سبب فوٿ ٿيندڙن جو نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جو اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي به طلب ڪيو ويو هو.
اجلاس ڪمشنر ڪراچي جي آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي نمائيندن، صوبائي حڪومت جي ڪي اليڪٽريڪل انسپيڪٽر، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو ايس بي)، توانائي وارو صوبائي سيڪريٽري ۽ نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي نمائيندين شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب ڪمشنر ڪراچي ڪي اليڪٽرڪ جي نظام جي بهتري جو مطالبو به ڪيو.
ڪمشنر ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان به انسان جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب اجلاس دوران ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته انهن واقعن ۾ لاپرواهي ڪندڙن جي ٻن 2 ڏينهن ۾ نشاندهي ڪندي انهن خلاف ڪارروائي ڪريو.
ان سان گڏوگڏ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر ڪراچي ۾ ٿيل سڀني واقعن جا ڌار ڌار تفصيل ڪمشنر ڪراچي کي موڪلين.
ڪمشنر ڪراچي ڪي اليڪٽرڪ کي متاثر خاندان کي معاوضو ادا ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
اجلاس دوران ڪي اليڪٽرڪ جي نمائيندن اختيارين کي ٻڌايو ته واقعن ۾ ڪنڊا ڪرڻ لڳڻ جو سبب بڻيا آهن. پر بجلي ڪمپني کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو تارن کي مناسب طريقي سان لڳائن.
The post ڪمشنر ڪراچي جو ڪي اليڪٽرڪ ملازمن خلاف ڪارروائي جو مطالبو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment