اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل پوليو ويڪسين جي حق ۾ 100 کان وڌيڪ فتوائن جي تصديق ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري پروگرام وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ 100 کان وڌيڪ مفتين پوليو ويڪسين جي حق ۾ فتويٰ ڏني آهي، جڏهن ته ان جي ملڪ جي آئيني اداري اسلامي نظرياتي ڪائونسل به حمايت ڪئي آهي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل موجب ناڪاري پروپئگنڊا پوليو جي خاتمي ۾ وڏي رنڊڪ ۽ والدين جي ذهنن ۾ شڪ شبهن جو سبب آهي.
ڪائونسل جو چوڻ آهي ته عالم ۽ مدرسا پوليو جي خاتمي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.
The post پوليو ويڪسين جي حق ۾ 100 کان وڌيڪ فتوائون جاري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment