حڪومت عوام کي روزگار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 15, 2019

حڪومت عوام کي روزگار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪانالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري عوام کي چيو آهي ته روزگار لاءِ حڪومت ڏانهن نه ڏسو.

اسلام آباد ۾ انجنيئرنگ ادارن جي ٻي ڊينز انٽرنيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت عوام کي روزگار فراهم نٿي ڪري سگهي پر توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته حڪومت 4 سئو کاتن کي بند ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان يا دنيا جي ٻين ملڪن جو حڪومتون ڪمزور ٿي رهيون آهن، اهو ڏاڍو ضروري آهي ته عوام کي ٻڌايو وڃي ته حڪومت روزگار فراهم نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن اسان روزگار ڏيڻ ۾ لڳي وڃون ته معيشت تباهه ٿي ويندي.

سندس چوڻ هو اها 1970 جي سوچ هوندي هئي ته حڪومت روزگار فراهم ڪندي پر هاڻ نجي شعبا روزگار فراهم ڪندا آهن.

پوءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري پنهنجي بيان جي وضاحت ڪئي ته نوڪريون حڪومت نه نجي شعبو ڏيندو آهي، حڪومت جو ڪم رڳو ماحول پيدا ڪرڻ آهي جتي نوڪريون هجن، اهو نه ته هر شخص سرڪاري نوڪري جي ڳولا ڪري.

The post حڪومت عوام کي روزگار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages