مولانا فضل الرحمان کي گھڻي لفٽ ڪرائي غلطي ڪئي آهي: شيخ رشيد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 15, 2019

مولانا فضل الرحمان کي گھڻي لفٽ ڪرائي غلطي ڪئي آهي: شيخ رشيد


ننڪانا صاحب (ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو معاملو ٺيڪ ٿي ويندو ۽ اسان جي غلطي آهي جو  اسان مولانا کي گھڻي لفٽ ڪرائي آهي.

ننڪانا صاحب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسلام آباد ۾ سڀ ڪجهه صحيح آهي، ڪو به خوف ۽ ڏهڪاءُ نه آهي، اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي ڪا به گنجائش نه آهي، مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جو  انتظاميا کي ڪو به فرق نٿو پوي.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو معملو ٺيڪ ٿي ويندو، هو پنهنجي سياسي ساک بچائڻ لاءِ رستو گھري رهيو آهي، ٿي سگھي ٿو ته وچون رستو نڪري اچي، کيس فيس سيونگ ڏئي سگھجي ٿي، ان سلسلي ۾ فضل الرحمان کي ڪشمير تي ريلي ڪڍڻ جي ڏئي سگھجي ٿي، اسان جي غلطي آهي جو اسان هن کي گھڻي لفٽ ڪرائي.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي کان ڊڄي رهيو آهي، هن پنهنجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، شهباز شريف وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان نظر اچي رهيو آهي، کيس چيو آهي ته وڪيٽ جي هڪ پاسي کيڏي.

The post مولانا فضل الرحمان کي گھڻي لفٽ ڪرائي غلطي ڪئي آهي: شيخ رشيد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages