اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي کاتي طلب ڪري ڀارتي فوج طرفان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي بنا سبب فائرنگ تي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر گورو اهلوواليا کي پرڏيهي کاتي طلب ڪيو ۽ ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول جي نيزه پور سيڪٽر ۾ 15 آڪٽوبر تي ڀارتي فوج طرفان جنگ بندي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪئي.
خيال رهي ته گذريل ڏينهن لائن آف ڪنٽرول جي سيڪٽر نيزا پور جي مختلف ڳوٺن ۾ ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ شيلنگ سان هڪ ئي گهر جا 3 ڄڻا شهيد ۽ 8 زخمي ٿي پيا هئا.
هي به پڙهي سگهو ٿا:والاريل ڪشمير ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو جون حياتيون خطري ۾ آهن :ڊاڪٽر محمد فيصل
ان بابت ضلعي حويلي جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس جي ڊيزاسٽر مينجمنٽ آفيسر محمد ظهير ٻڌايو هو ته شهيد ۽ زخمي سمورا ماڻهو نيزه پور سيڪٽر جي مختلف گروپن سان تعلق رکن ٿا جتي منجهد ساڍي 12هين وڳي شيلنگ جي سلسلي جو آغاز ٿيو جيڪو 5 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهيو.
ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج مسلسل ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي 2003 جي جنگ بندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، ڀارت جي مسلسل ڀڃڪڙين سان علائقائي امن ۽ مضبوطي کي خطرا لاڳو ٿي رهيا آهن ۽ اِهي ڀڃڪڙيون ڪنهن به تزويراتي غطلي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
هن چيو ته ڀارت طرفان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ۾ غير معمولي واڌ جو سلسلو 2017ع کان جاري آهي ۽ هڪ هزار 970 ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪيون ويون آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان بيان ۾ ڀارت کي پنهنجي هٿياربند فوج کي جنگ بندي معاهدي جو احترام ڪرڻ جو چيو ۽ ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي امن کي بحال رکڻ جو پابند بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
Press Briefing by the Foreign Minister @SMQureshiPTI at MoFA can be accessed on the following link:https://t.co/kUaZ1K1f5v
— Dr Mohammad Faisal (@ForeignOfficePk) October 16, 2019
The post ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي کاتي طلب….! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment