ڪچيون ڀاڄيون ۽ ميوا کائڻ سان دماغي صحت سٺي رهي ٿي: تحقيق - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

ڪچيون ڀاڄيون ۽ ميوا کائڻ سان دماغي صحت سٺي رهي ٿي: تحقيق


کائڻ

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڀاڄين ۽ ميون کي ڪچو کائڻ سان ڪيترائي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا. ان ڏس ۾ تازي خبر اها آهي ته ان کي معمول بڻائڻ سان ڊپريشن ختم ٿئي ٿو ۽ موڊ بهتر ٿي وڃي ٿو.

نفسيات ماهرن موجب دوستن ۾ وقت گذارڻ، ورزش ۽ پنڌ ڪرڻ سان به ذهني دٻاءُ ختم ٿئي ٿو پر هاڻ نيوزيلينڊ ۾ يونيورسٽي آف اوٽاگو جي ماهرن چيو آهي ته پالڪ، گجر، موري، صوف، سلاد، گوبي ۽ ناشپتي وغيرهه ڪچي کائڻ سان دماغي صحت بهتري رهندي آهي ڇو جو پچائڻ يا ان کي مُربي وغيرا ۾ محفوظ ڪرڻ جي صنعتي عمل (پروسيسنگ) ۾ ان جو فائدو گھٽجي وڃي ٿو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪيلي جي کل جا حيران ڪندڙ  فائدا

ان ڏس ۾ سائنسدانن آمريڪا ۽ نيوزيلينڊ ۾ 400 بالغ ماڻهن جي سروي ڪئي، جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا.

پر ان سروي مان هڪ ڳالهه اها خبر پئي ته جيڪڏهن ڏينهن ۾ وقفي وقفي سان پنج ڀيرا ڪچا ميوا ۽ ڀاڄيون کاڌيون وڃن ته ان سان دماغي مرض ٿيڻ جو خدشو به گھٽجي ٿو، مزاج بهتر ٿئي ٿو ۽ ڊپريشن ۾ گھٽائي اچي ٿي. ان رپورٽ تي تحقيق ڪندڙ ماهر ۽ مقالعي جي مرڪزي ليکڪ ٽيملن ڪونر جو چوڻ آهي ته ڪچين ڀاڃين ۽ ميون ۾ اهڙا  جز معيار ۽ مقدار ۾ وڌيڪ هوندا آهن جيڪي نفسياتي عارضن کي به وڌڻ ناهن ڏيندا. ان کان سواءِ وٽامن بي ۽ سي جو مقدار به دماغ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: دنيا ۾ ٻه ارب 20 ڪروڙ ماڻهو اکين جي خرابين جو شڪارآهن

ماهرن جو مشورو آهي ته سلاد جا پن، ٽماٽو، گريپ فروٽ، کيرو، ڪيوي ۽ ٻين ميون ۽ ڀاڄين سان دماغي صحت سٺي رهي ٿي.

The post ڪچيون ڀاڄيون ۽ ميوا کائڻ سان دماغي صحت سٺي رهي ٿي: تحقيق appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages